اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات واري وفا??ي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سع??دي سيڙپڪارن لاءِ ڪيترائي پرُڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، سع??دي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن جي آڇ به ڪنداسين. وفا??ي وزير عبدالعليم خان سع??دي جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سع??دي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته سع??دي سيڙپڪارن لاءِ پ??ڪستان ۾ ڪيترائي پرڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، مواصلات جي شعبي ۾ ايم – 6 ۽ ايم – 9 موٽر وي جي منافعي بخش منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پڌرائي موجب وفا??ي وزير سع??دي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڪراچي بندرگاهه کي پهرين کان موجود موٽر وي سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر موٽر وي جي جلد کان جلد تڪميل اولين ترجيح آهي. مواصلات واري وفا??ي وزير چيو ته نجڪاري لاءِ اهڙا سرڪاري کاتا پائپ لائين ۾ آهن جيڪي فوري منافعو ڏئي سگهن ٿا. سع??دي عرب سان هر طرح جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ سرڪاري ادارن ۾ نمايان بهتري ۽ سڌارن جو عمل متعارف ڪرايو آهي. سع??دي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به منصوبا پيش ڪنداسين. مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري جا شعبا بهترين بزنس ماڊل وارا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي سع??دي وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح وفا??ي وزير عبدالعليم خان جي آڇ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي سع??دي وفد، واپاري برادري ۽ سرڪاري عملدارن طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان جي دل پاڪستاني عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي.هي اسان جو پنهنجو گهر آهي. پاڪستان جي ان دوري کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائينداسين. بريفنگ دوران مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي سيڪريٽرين به سع??دي وفد کي اهم معاملن جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ان کانپوءِ منعقد اجلاس ۾ سع??دي وفد سان گڏ جوائنٽ منسٽريل ڪانفرنس، جي ٽو جي سطح تي گڏيل سهڪار تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفا??ي وزيرن مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، ڄام ڪمال خان ۽ اويس لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، احمد چيمه، علي پرويز ملڪ ۽ شيخ قيصر کانسواءِ سينئر عملدار به موجود هئا.