اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ما??هن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ موثر ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر واقعي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي گهرڀاتي?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون چيني شهرين ۽ انهن جي پونئير?? سان گڏ ??هن.