اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه يومِ دفاع ۽ شهداء پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ جوش سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات بحريه جي م??جد?? ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحا??يء?? لاءِ خاص دعائن سان ٿي. ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شه??دن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئ?? وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ جنگ جي شه??دن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن دشمن جي کلي جارحيت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. هي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي. هي يادگار ڏينهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي رشتي جي به علامت آهي. نيول چيف پنهنجي بحري محافظن جي نمايان ۽ لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. نيول چيف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحدن جي دفاع ۽ سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ شه??دن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شه??دن جي وارثن سان ملاقات ڪئ??. مختلف فيلڊ ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽرز ۾ به شه??دن جي يادگارن تي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئ?? وئي. بحريه جي سمورن يونٽن ۽ ٺڪاڻن تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون ٿيون. ان موقعي تي پاڪ بحريه جا سمورا جهاز ۽ يونٽس بحريه جي روايتن موجب سينگاريا ويا هئا.