لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شه??از شريف، پنجا?? جي وزيراعليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر حمزه شه??از شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشا??رت ٿي، وزيراعظم محمد شه??از شريف عوام جي رليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ??يل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته خسارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پنجا?? جي وزيراعليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪومت جي 46 ارب روپين جي عوامي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم شه??از شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن پنجا?? جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجا?? جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شه??ي کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ضر??رت آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.