راولپنڊي-29 آگسٽ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ??نر?? ساحر شمشاد مرزا عمان جي سرڪاري دؤري دوران نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير ۽ شاهي درٻار جي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ??نر?? ساحر شمشاد مرزا سلطنت عمان جو سرڪاري دؤرو ڪيو. ??نر?? ساحر شمشاد مرزا نائب وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سيد شهاب بن طارق بن تيمور سان ملاقات ڪئي. هن شاهي درٻار جي وزير ??نر?? سلطان بن محمد الناماني سان به ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ??نر?? ساحر شمشاد مرزا پنهنجي دؤري دوران چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل عبدالله بن خميس الرئيسي، سروسز چيفس ۽ چيئرمي?? آف ڊفينس اڪيڊمي سان به ملاقاتون ڪيون. ڌار ڌار ملاقاتن دوران تربيت، سيڪيورٽي، دهشتگرديءَ جي خاتمي، دفاعي صنعت سميت عسڪري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ اسٽ??يٽ??ڪ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عسڪري لاڳاپن کي واڌ ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون. عماني عملدارن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.