اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيلسٽڪ ميزائيل شاهين II جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته شاهين II جي ڪامياب تجربي سان م??ڪ جي دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان م??جب سينيٽ ??يئرمين چيو ته پوري قوم کي باصلاحيت سائنسدانن ۽ انجنيئرن تي فخر آهي، شاهي?? II ??يزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪ فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي محنت جو نتيجو آهي. هن چيو ته دفاعي ادارن، باصلاحيت سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ملڪي دفاعي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.