لاهور – 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري گلوڪار نصرت فتح علي خان جي 27 هين ورسي اڄ 16 آگسٽ جمعي تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي حلقن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ نصرت فتح علي خان جي فني خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948 تي فيصل آباد ۾ جنم ورتو. سندس والد استاد فتح علي خان ۽ سندس چاچو استاد مبارڪ علي خان پنهنجي دور جا مشهور قوال هئا. نصرت فتح علي خان قوال طور دم مست قلندر مست مست وسيلي سڄي ملڪ ?? وڏي شهرت ماڻي. هن قوالي جي صنف ۾ اولهه ??و انداز متعارف ڪرايو جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڀررپور پ??يرائي ملي. نصرت فتح علي خان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجي گائيڪي سبب مشهور هو، سندس وفات سان گلوڪاري جي ميدان ۾ پيدا ٿي?? خال سالن تائين ڀرجي نه سگهندو.