سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصا?? ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ??شم??ر ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئين جي 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ??شم??ر جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ??شم??رين جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو هو ۽ ??شم??ر وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان ??ڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل ف??ن سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ??شم??ر جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گ??يل قومن جي ٺهرائن مطابق ??شم??ر تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان ??الاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابطن جي سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.