اسلام آباد-29 جون (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري طور پا??ستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو عمل شرو ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن ??ي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ڊليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفا??ي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو، سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جو خدمتون ورتيون وينديون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پا??ستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي متبادل حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، احد چيمه، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ??ي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان لائحه عمل ۽ ان جي متبادل جي حوالي سان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فوري طور پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ختم ڪرڻ واري عمل دوران ملازمن ??ي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعظم ??يو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفا??ي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي انتظامن لاءِ هڪ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جوڙي ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي رڪارڊ کي مڪمل طور تي ڊجٽلائيز ڪيو وڃي، پا??ستان جون معاشي حالتون ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن ان حوالي سان جاري عمل جي نگراني ۾ مان پا?? ڪندس. اجلاس کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ، جاري منصوبن تي عملدرآمد، پي ڊبليو ڊي جي متبادل ۽ تعمير ۽ مرمت لاءِ نجي ڪمپنين جي خدمتن جي حاصلات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي وفا??ي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. جڏهن ته پي ڊبليو ڊي کي ڪنهن به قسم جون نئون منصوبو نه ڏنو وڃي. تعمير ۽ مرمت جو ڪم عالمي معيار جي نجي ڪمپنين کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ڊبليو ڊي جي ملازمن ??ي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ان حوالي سان ملازمن ??ي مفادن جو تحفظ ڪندي هڪ قابل عمل ۽ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جلد هن عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل جي پا?? نگراني ڪندو.