اسلام آباد-11 جون (اي پي ??ي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت 1996 ملين ڊالر جو واپاري سرپلس حاصل ڪيو.جيڪو سمورن سروسز ۾ سڀ کان ??ڌي?? بهتر آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق مالي سال 24ع (جولاءِ-مارچ) دورا?? آءِ سي ٽي ايڪسپورٽ ڪل روانگي واپار 87.4 سيڪڙو آهي جيڪو گذريل سال 1723 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 15.8 سيڪڙو ??ڌي?? آهي. مالي سال 24ع دورا?? آءِ سي ٽي روانگي واپار 339 ملين ڊالر سيڪڙو اض??في سان 2283 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال 1944 ملين آمريڪي ڊالر هو. پاڪستان ۾ رهندڙ فري لانسرز جولاءِ کان مارچ مالي سال 24ع دوران 350.2 ملين ڊالرن جي ناڻي ذريعي پاڪستان جي معيشت ۾ پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمايو. پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ فيبروري 24ع ۾ وومن يونيورسٽي آف باغ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي شروعات ڪئي. مارچ 24ع تائين نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن 1480 کان ??ڌي?? اسٽارٽ اپس کي انيڪوبيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ هاڻ تائين 710 کان ??ڌي?? ڪاميابي سان همڪنار ٿي چڪا آهن. ان اسٽارٽ اپس 128000 کان ??ڌي?? ملازمتون پيدا ڪيون، مجموعي طور تي 23 ارب رپين کان ??ڌي?? جي سيڙپڪاري حاصل ٿي، جنهن جي مجموعي آمدني 16 بلين رپين کان ??ڌي?? آهي. ان پروگرام ذريعي 2800 کان ??ڌي?? ڪاروباري عورتن کي بااختيار بڻايو ويو. جولاءِ کان مارچ مالي سال 24ع دوران ٽيليڪام سيڪٽر لچڪ جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي خدمتن کي وسعت ڏني ۽ ٽيليڪام جي آمدني 735 بلين رپين تائين پهچائي.