اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ موجوده حڪومت پنهنجي توانائي جي ضرورتن ۽ عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ بهترين قومي مفادن ۾ فيصلا ڪندي، پاڪستان خطي ۾ اس??حڪام ۽ امن جو خواهشمند آهي ۽ هو پاڙيسري ملڪ افغانستان سميت سمورن ملڪن سان سٺن دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ايران پاڪستان گئس پائيپ لائي?? جي حوالي سان پڇيل سوال تي چيو ته حڪومت قومي مفادن ۾ فيصلا ڪندي ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايراني صدر جي پاڪستا?? جي تازي دوري کي انتهائي نتياخيز قرار ڏنو. هن چيو ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، ان کان اڳ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ شروعاتي ۽ بزنس ٽو بزنس ميٽنگز ٿيون آهن. اس??اق ڊار چيو ته نجي شعبي جي ڪمپنين تي ٻڌل سعودي وفد پاڪستا?? جي تازي دوري ۾ پنهنجي هم منصبن سان پنهنجي ملاقاتن ئي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏنو آهي ۽ هو ان سلسلي ۾ ٿيندڙ اڳ??را??ي کان تمام گه??و متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتصادي شعبي ۾ اهڙي طرح جي عمل کي آسان بڻائيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ اس??حڪام ۽ امن ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان سميت سمورن ملڪن سان سٺي دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته رپورٽس تصديق ڪئي آهي ته چيني شهرين تي حملي سميت تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ ماسٽر مائنڊنگ ۽ منصوبابندي افغان سرزمين تان ٿي. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار ورلڊ اڪنامڪ فورم ۽ گيمبيا ۾ او آءِ سي جي 15 هين سربراهي اجلاس م پنهنجي شرڪت بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان غزه ۾ جنگبندي، اسلامو فوبيا، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ مسلمان امت کي درپيش اهم مسئلن بابت اجلاس ۾ فعال ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ فلسطيني?? جي خلاف جاري اس??ائيلي وحشياڻي ۽ طاقت جي انڌاڌنڌ اس??عمال جي مذمت جي حوالي سان پاڪستا?? جي موقف، فوري جنگبندي ۽ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان کانسواءِ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ ٻه رياستي حل جي او آءِ سي جي سمورن ميمبرن ڀرپور حمايت ڪئي. هن چيو ته اهي مسئلا او آءِ سي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ شامل ڪيا ويا. اسلامو فوبيا بابت محمد اس??اق ڊار چيو ته پاڪستان ان ضرورت تي زور ڏنو ته او آءِ سي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڦهلائي ويندڙ توهين آميز مواد تي ٺوس موقف سان ان عالمي مسئلي جي لاءِ موثر انداز اختيار ڪري جنه?? جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪ?? جي گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي مقرري هڪ مثبت اڳ??را??ي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هن سربراهي اجلاس کي ٻڌايو ته غزه ۾ نسل ڪشيءَ جهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ واقع?? جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته انهن جو ڌيان ”اقتصادي سفارتڪاري“ تي مرڪوز آهي، آفريقا ۾ پاڪستاني برآمد ڪندڙ?? جي لاءِ زبردست موقعا موجود آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي سربراهه جي حيثيت سان ڪڻڪ جي درآمد ۾ پنهنجي ڪردار بابت ڪجهه سياسي اڳواڻ?? جي دعوائن کي رد ڪندي واضح طور تي چيو ته هن 9 آگسٽ 2023ع تائين ان حوالي سان ڪا سمري منظور نه ڪئي. هن پنهنجي حڪومت جي اڳوڻي دور ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ناڪاره هجڻ جي مفروضي کي پڻ رد ڪري ڇڏيو.