رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي و??ير??عظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي و??ير??عظم انور ابراهيم جي وچ ۾ رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. و??ير??عظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ 4 مارچ 2024ع تي و??ير??عظم جو عهدو سنڀالڻ ۽ 10 اپريل 2024ع تي عيدالفطر جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ٿي چڪو آهي. و??ير??عظم ملائيشيا جي و??ير??عظم جي قيادت کي ساراهيندي فن ۽ ادب خاص طور تي پاڪستان جي قومي شاعر علامه اقبال بابت سندس علم کي ساراهيو. ملائيشيا جي و??ير??عظم ڪجهه جُملا اردو ۾ ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو جتي ماضي ۾ ملائيشيا ج?? شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندا هئا. ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو ?? غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف ملائيشيا جي واپاري ۽ ڪاروباري وفدن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. و??ير??عظم ملائيشين و??ير??عظم انور ابراهيم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.