اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??اڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جن??ل اسٽاف جن??ل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جن??ل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيا?? ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند ??عاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترڪيه پاڪستان جو مخلص دوس?? آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرور?? آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري ??ڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ??اڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽاف جن??ل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.