اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ – برطانيا لاڳاپن کي اعليٰ سطحي ر??بطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات دوران ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي ر??بطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي ??هي. صدر آصف علي ??رداري ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته معيشت جو استحڪام اولين ترجيح آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي ڇو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ??ي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن ۾ شامل آهي. هن هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 600000 هيڪٽر ايراضي تي ٻڌل تَمر جا ٻيلا آهن جيڪي سامونڊي ??احولياتي نظام کي سهارو ڏيڻ کانسواءِ ماحولياتي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، شمسي ۽ هوائي ذخيرن سان ملڪي توانائين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملي ??گهي ٿي. صدر ملاقات ۾ برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ پرنسز آف ويلز ڪيٿرين مڊلٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جين ميريٽ صدر آصف علي ??رداري کي صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.