اسلام آباد – 05 – ما??چ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وز??راعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀ??لڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سان ملاقات ڪن??ڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وز??ر سيد محسن نقوي پڻ موجود هئا. وفد وز??راعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀ??لڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آصف علي زرداري وز??راعظم کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته خدا تعاليٰ ۽ عوام جو دل سان ٿورائتو آهيان جن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو. خادم پاڪستان چونڊجڻ جي لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اعتماد تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.