اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪمي??ن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪ??و آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب سائٽ به تيار ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ آءِ ??ي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪ??و آهي جنهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چونڊ نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نتيجن جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ ??تبادل ويب سائٽ به ٺاهي آهي. هن ٻُڌايو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪ??دو، اهو سسٽم اهڙن علائقن جتي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن ??تي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروع??تي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نتيجا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته ??تي نتيجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي نتيجا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاهران نتيجا شيئر ڪرڻ لاءِ ??يڊيا وال به بڻائي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.