اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فعال سفارتڪاري ۽ گهري لاڳاپن جي هڪ حصي طور ڪيريبين ۾ سينٽ ڪيٽس اينڊ نيوس ۽ بحرالڪاهل مارشل آئي لينڊ سان باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجو سفارتي دائرو وسيع ڪندو ره??دو ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائيندو ره??دو. هن چيو ته اسان ننڍن جزيرن جي اسرندڙ ??ياستن تائين پهچ کي وڌائن جو ارادو رکون ٿا جيڪي گهڻ رخي سطح تي پ??ڪستان جي لاءِ اهم حصيدار آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ پالائو، ڪريباتي ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ سان سفارتي لاڳاپا قائم آهن.