اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي آهي ته اها هڪ غريب عورت کي منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا 30 ڏينهن جي اندر واپس ڪري جنهن کي انشورنس پاليسي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪيو ويو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??يو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي. ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي روح جي سراسر خلاف ورزي آهي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ زبيده ??يگ?? ”ڪميٽي“ وجهي هڪ لک رپيا حاصل ڪيا هئا ۽ هُن پنهنجي رقم پنهنجي ب??نڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ ٿي چاهي، عورت کي غلط طور تي 1 لک ساليانو پريميم جي انشورنس پاليسي جاري ڪئي وئي. عورت جي رقم واپسي جي مطالبي تي ڪمپني رڳو 40 هزار واپس ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي، ناانصافي تي عورت وفاقي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو پر شڪايت حل نه ٿي. بعد ۾ عورت محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. صدر ذاتي طور تي ڪيس ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ متاثره عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ ??يو ته عورت گهٽ ۾ گهٽ اصل رقم جي واپسي جي حقدار آهي ۽ اهو ته عورت جي دعويٰ منصفاڻي آهي. صدر ??يو ته هڪ غريب عورت کي غلط طور تي پاليسي وڪرو ڪئي وئي، عورت ڪڏهن به پاليسي خريد ڪرڻ جي چونڊ ئي نه ڪئي. صدر اي ايف يو لائيف انشورنس کي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي ??يو ته عورت کي ب??نڪ ۾ دوکبيازي سان انشورنس پاليسي وڪرو ڪئي وئي، انشورنس ڪمپني عورت کي هڪ لک رپيا منافعي سان گڏ ادا ڪري. هن ??يو ته ڪمپني 2020ع کان عورت جا هڪ لک رپيا رکيا آهن، ڪمپني عورت جي رقم جي سيڙپڪاري ڪري ڪافي منافعو پڻ ڪمايو هوندو. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته عورت کي ان جي رقم تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني پاران جمع ڪيل پريميم جي رقم جي واپسي کان انڪار بدانتظامي آهي. صدر ??يو ته محتسب ڪمپني کي رڳو 40 هزار رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انشورنس محتسب ان حقيقت جو ادراڪ نه ڪيو ته ڪمپني کي اڃا 60 هزار رپيا ادا ڪرڻا آهن. هن ??يو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي روح جي سراسر خلاف ورزي آهي، انشورنس محتسب آرڊيننس جي روح تي عملدرآمد ڪرڻ۾ ناڪام رهيو. صدر ??يو ته ڪو به شخص ٻين جي ڏڍ تي پاڻ کي غيرمنصفاڻي طور تي امير نٿو ڪري سگهي، عورت کي ان جي رقم تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته زبيده ??يگ?? کي 30 ڏينهن جي اندر منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا واپس ڪيا وڃن.