اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪس??ان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ??ه اسان کي ان ڳالهه تي شديد مايوسي ٿي آهي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل آهي ۽ ان جو زميني حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪس??ان هڪ تڪثيري ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪس??ان پنهنجي آئين موجب مذهبي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??ه مذهبي آزادي جي وڏي پئماني تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نامزد فهرست مان خارج ڪيو ويو ??هي. اهو عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (يو ??يس سي آئي آر ايف) جي واضح سفارشن سان گڏوگڏ عالمي انساني حقن جي ڌرين پاران مذهبي اقليتن سان ڀارت جي اڻوڻندڙ سلوڪ بابت اٿاريل عوامي خدشن جي باوجود آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته اسان کي يقين آهي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ طرفي ۽ موضوعي مشقون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي مذهبي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪس??ان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذهبي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي موجوده چئلينج جو مقابلو گڏيل افهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد تي تعميري مشغوليت ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ڪري سگهجي هو، انهي جذبي سان پاڪس??ان ٻطرف?? طور تي آمريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪس??ان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ ??ابت پاڪس??ان جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.