اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت پاڪستان جي ٻاهرئين دنيا سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي ان جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪم جاري رکندا. نگران پ??ڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ بيٽ رپورٽرز سان سال جي پڄاڻي تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. نگران پ??ڏيهي وزير عالمي پ??ڏيهي پ??ليسي جي دائري ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ۽ قيادت جي اعليٰ سطحي دورن تي روشني وڌي جيڪي اهم ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ، اخبارن ۽ ٽيليويزن سميت ميڊيا جا نمائندا، اسلام آباد ۾ رهندڙ غيرملڪي نمائندا ۽ پرڏيهي وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳوڻي پ??ڏيهي سيڪريٽري ري??ض کوکر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي جيڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.