اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي ٻه واٽي تي هوندي ايتري وڏي انگ ۾ غيردستاويزي ماڻهن کي رهائش ڏئي پنهنجي قومي سلامتي تي وڌيڪ ٺاهه نه ٿو ڪري سگهي، اسان جو حتمي مقصد هڪ محفوظ، وڌيڪ پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي ??وڙجڪ آهي جنهن سا?? اسان جي پنهنجي ماڻهن، خطي ۽ دنيا جي لاءِ وسيع تر فائدا هجن. نگران وزيراعظم ”دي ٽيلي گراف“ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ لکيو ته سڄي دنيا جون حڪومتون تڪرارن، موسمياتي تبديلين ۽ اقتصادي موقعن سا?? واڳيل وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي هڪ نئين دور موجب پنهنجو پاڻ کي ان موجب تيار ڪري رهيون آهن. هن چيو ته برط??ني?? جي ??ڪومت جو غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي روانڊا موڪلڻ جو منصوبو انهي دٻاءُ جي ??لامت هو، ان تجويز تي سخت بحث ۽ اسڪيم کي پٽڙي تان لاهڻ جي وڏين ڪوششن پاليسي سازن جي لاءِ وڏن چئلينجن جي ??ڪاسي ڪئي ڇو ته اهي انساني حقن کي سخت حقيقتن سا?? متوازن ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته فرانس به منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اٽلي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهو يورپ جو پناهگير ڪئمپ بڻجي ??گهي ٿو، تازن سا??ن ۾ ڪيترن ئي ملين پناهگيرن جي لاءِ پنهنجون راهون کولڻ کانپوءِ جرمني به دٻاءُ محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ بدري جي نئين سخت قدمن جو اعلان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آمريڪا ۾ به صورتحال آسان نه آهي جڏهن ته پاڪستان جو مسئلو بلڪل مختلف نوعيت جو آهي، گذريل ٽن کان چئن ڏهاڪن دوران چار کان پنج ملين جي ??ي لڳ ڀڳ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ اچي چڪا آهن جيڪي آئرلينڊ جي ??بادي جي ??رابر آهن. نگران وزيراعظم لکيو ته 1951ع جي پناهگيرن جي ڪنوينشن (۽ ان جي 1967ع جي پروٽوڪول) تي صحيحون نه ڪرڻ جي ??اوجود اسان وڏي دل سا?? پناهگيرن کي جڳهه ڏني آ??ي. ??ن چيو ته مهمان نوازي پاڪستان جي ڊي اين اي ۾ آهي ۽ هي ملڪ پنهنجي قانوني، اخلاقي ۽ انساني ذميوارين کي پورو ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته اسان ڊگهو عرصو جيترن ماڻهن کي جڳهه ڏئي سگهياسين پئي انهن کي هتي رکڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي جڏهن ته جن جو هتي رهڻ جو ڪو حق به نه هو انهن کي به رضاڪاراڻي طور تي ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ مناسب موقعو ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته رضاڪاراڻي طور تي وطن واپسي جي ڪيترن ئي موقعن جي ??اوجود ۽ غيردستاويزي رهندڙن کي رجسٽر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترين ئي حڪومتي ڪوششن جي ??اوجود هڪ ذڪر جوڳي انگ مستقل طور تي پنهنجي ??يثيت کي باقاعده بڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جتي پاڪستان ڪيترن ئي محنتي ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن مان فائدو کنيو آهي اتي ان وڏي انگ جي ??چڻ جي مجموعي سماجي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آ??ي. ??ن چيو ته ڪيترائي ماڻهو بليڪ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪو ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن، اهي ڏوهاري انڊر ورلڊ جي ??ستحصال جو پڻ شڪار آهن، انهن جا خطي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن سا?? رابطا به آهن. هن چيو ته آگسٽ 2021ع کان گهٽ ۾ گهٽ 16 افغان شهرين پاڪستان جي ??ندر خودڪش حملا ڪيا آهن جڏهن ته 65 دهشتگرد ماريا ويا آهن، سيڪيورٽي فورسز سا?? جهڙپن ۾ مارجي ويل دهشتگردن خاص طور تي سرحدي علائقي ۾ انهن جي ??ڃاڻپ افغاني طور ڪئي وئي. هن چيو ته ڪا به ذميوار حڪومت اهڙي طرح جي ??دشن کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن به اسان اها ڳالهه عبوري افغان حڪومت آڏو اٿاري انهن اسان کي پنهنجي ??ندر ڏسڻ جو مشورو ڏنو، اسان آخرڪار پنهنجي گهر کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ انهن جي مشوري تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان پاران وطن واپسي جي پروگرام انهن ماڻهن پاران متوقع تنقيد کي پنهنجي ??رف متوجهه ڪيو جيڪي مسئلي جي ڏکئي تاريخ کي نه سمجهندا هئا يا پوءِ زبردستي ملڪ بدري کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ غيرمعمولي ڪوششن جو ادراڪ نه رکندا هئا. هن چيو ته وطن واپس موڪليو ويندڙن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت پروگرام ۾ شامل سمورن عهديدارن کي سختي سا?? هدايت ڪئي آهي ته اهي ڊي پورٽ ٿيندڙن جو مناسب احترام ۽ سارسنڀال ڪن، اسان جو زور ماڻهن جي ملڪ بدري نه پر رضارڪاراڻي، محفوظ ۽ باوقار وطن واپسي (انهن جي قانوني طور تي حاصل ڪيل اثاثن سا?? گڏ) تي آهي، افغانستان واپس ويندڙن مان اٽڪل 93 سيڪڙو رضارڪاراڻي طور تي ائين ڪيو آ??ي. ??ن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته رجسٽريشن ڪارڊ جي ??بوت لاءِ درخواست ڏيندڙ 1.46 ملين افغانين مان ڪنهن کي به واپس نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن 8 لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جن وٽ افغان شهري ڪارڊ آهن. هن چيو ته اٽڪل 79 ٽرانزٽ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ مفت کاڌو، پناهگاهه ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان – افغان سرحد تي اضافي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي سرحدي گذرگاهن تائين وٺي وڃي رهيا آهن، عورتن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو پيو وڃي، ڪنهن به بدسلوڪي جي ??طلاع ڏيڻ جي لاءِ ايمرجنسي هيلپ لائينز دستياب آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان مان اولهندي اتحادين جي ??وچتو انخلا پاڪستان ۾ پناهگيرن جي هڪ نئين آمد کي جنم ڏنو، هزارين افغان شهري اهو چئي سرحد پار آيا ته انهن جي ??ان کي خطرو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر اسان انهن جي ڀلائي کي تمام سنجيدگي سا?? ورتو، اهو تسليم ڪندي ته ڪجهه کي خصوصي تحفظ جي ??رورت هوندي آ??ي. ??ن چيو ته اسان خطري ۾ ورتل گروپن، جهڙوڪ موسيقارن، صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي ملڪ بدر نه ڪنداسين جڏهن ته اسان کي ٻين ملڪن جي مدد جي ??رورت آ??ي. ??ن چيو ته نئين ايندڙن مان رڳو 59033 کي پاڪستان کان ٻاهر آباد ڪيو ويو جڏهن ته 42068 اولهه وڃڻ جا منتظر آهن. هن چيو ته باقي ماڻهو سياسي پناهه جي لاءِ ڪنهن کي قائل ڪرڻ وارو ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ انهن پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي پنهنجو قيام جاري رکيو آهي.