اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ڀارت ج?? سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ ??ي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان ڀارت ج?? سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشميري عوام جي مرضي ۽ عالمي قانونن ۽ انصاف جي ??هرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ??ارت ج?? هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ??ليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.