اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽ??سٽ جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملن??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽ??سٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽ??سٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽ??سٽ جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رهوڊز ٽ??سٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽ??سٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تعليمي سفر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چيو ته تعليمي سفر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملن??ي. ??هوڊز ٽ??سٽ جي سي اي او صدر کي تعليمي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊ?? اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد برڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊ?? اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.