اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿي??و پوندو. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبلا اي??ز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قبلا اي??ز نگران وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مجلس عامله جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏن??. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ م مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿي??و پوندو.