اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ليبيا جي شهر بن غازي ۾ حراست ۾ پاڪستاني شهرين ج?? حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير جي هدايتن تي طرابلس ۾ پاڪستان جي ناظم الامور عاشق علي، بن غاني ۾ حراستي مرڪز جو دورو ??يو ۽ پاڪستان قيدين سان ملاقات ڪئي آهي. ترجمان ڇنڇر ڏينهن ان حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته قيدين کي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورتون فراهم ??يو?? ويون آهن. هن چيو ته اسان جو مشن معمول جي طبي ٽيم ??ان رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو ته قيدين جي جلد واپسي لاءِ پاڪستان جو مشن آءِ او ايم ??ان به رابطي ۾ آهي.