اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهداءِ ڪشم??ر ڏهاڙي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ 1931ع ۾ ان ڏينهن پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن کي ڀرپور خر??ج عقيدت پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انهن شهيدن شهادت کي گلي لڳائڻ ک?? چونڊيو پر ڊوگره راج جي ڏ??ڍ آڏو هار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏ??و. وزيراعظم چيو ته قرباني جو جذبو ڪشميرين جي ڊي اين اي ۾ سرايت ڪري چڪو آهي، جيتوڻيڪ ظالم بدلجي چڪو آهي پر ڪشميرين جي انهن سان مخالفت اٽل رهي آهي. هن چيو ته اهو انهن جي تقدير ۽ پنهنجي مقصد جي حق تي پختو يقين آهي جيڪي اونداهي ۾ به رستي کي روشن ڪندا رهن ٿا.