اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چي??رمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ??ئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ?? وزيراعظم بلوچستان نيشنل پارٽي جي حڪومت جي سڌاراجاتي ا??جن??ا لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪي بهتري جي لاءِ حڪومت جي هر فيصلي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، احسن اقبال ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ شريڪ هئا.