اسلام آبا??-08 ??ولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عبدالستار ايڌي جهڙا ماڻهو ئي ڪنهن به معاشري جي اخلاقي قدرن جي صحيح طور تي نمائندگي ڪندا آهن ۽ انسا??يت جي خوبصورتي ۾ اسانجي اعتماد کي بحال ڪندا آهن، دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد لاءِ سچائي سان ڪم ڪندا آهن ، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته عبدالستار ايڌي پڻ اهڙين عظيم شخصيتن مان هو جنهن دنيا جا سمورا ڪم ڇڏي انسا??يت جي خدمت جو رستو چونڊيو ۽ پنهنجي سموري حياتي محنت ۽ فرض شناسي سان ان مقصد لاءِ گذاري، وزيراعظم شهباز شريف عبدالستار ايڌي جي ستين و??سي جي موقعي تي سندس بلند درجات لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجي ٽوئٽ ۾ مرحوم جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي.