اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين جي پريشانين جو نوٽيس وٺندي ??وب??ئي حڪومت ?? ضلعي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي ب??ياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته ??وب??ئي حڪومتون ۽ ضلعي انتظاميا هڪ ٻئي سان س??ڪا?? ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائن.