پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي وچ ۾ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪ چين اقتصادي لنگهه س??يت معاشي تعاون جي فروغ، اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ ۽ گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي وزيراعظم شهباز شريف سان هي پهرين ملاقات هئي. ملاقات پاڪستان ۽ چين جي سدابهار آزمايل ڪوآپريٽو حصيدار?? جي روايتي خيرسگالي ۽ پرجوش ماحول ۾ ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) س??يت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي معاشي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اهم موضوعن تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ معاشي ترق?? جي لاءِ چين جي پڪي ۽ مسلسل حمايت جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ جي – 20 جو اجلاس گهرائڻ جي چين پاران ڀرپور مخالفت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بالادست?? جي چين جي اصولي موقف جو مظهر آهي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي منفرد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود گهري ڀائراڻن جذبن تي قائم آه?? جيڪا وقت ۽ حالتن جي تبديلي کان بي نياز آهي. هن چيو ته ويجهي پاڙيسري ۽ آئرن برادر پاڪستان چين جي پاڙيسرين بابت سفارتڪاري ۾ خصوصي درجو ??کي ٿو. چين جي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو اهم مفادن جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ پاڪستان جي عوامجي ??وش??ال?? جي لاءِ پنهنجي ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن جي مستحڪم انداز ۾ ترق?? جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي طرفن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ مرڪزي اه??يت ??کي ٿو. ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سال سي پيڪ جي ڪاميابي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي رفتار برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي پنهنجي هم منصب کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏن?? جيڪا وزيراعظم لي ڪي چيانگ قبول ڪري ورتي.