اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سميت شهري علائقن کي سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي خطرن کان بچڻ لا??ِ سلامتي ۽ خيريت جي دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو ته سنڌ کي سامونڊي طوفان جو خطرو آهي، ا??وان ۾ خيريت ۽ سلامتي لا??ِ دعا ڪرائي وڃي. اسپيڪر جي چوڻ تي مولانا عبدالاڪبر چترالي ان حوالي سان ايوان ۾ دعا خير ڪر??ئي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته الله ئي نفعو ۽ نقصان پهچائڻ وارو آهي ۽ حفاظت ڪرڻ وارو آهي، ڪا به ٻي طاقت ايئن نٿي ??ري سگهي.