اسلام آباد – 09 – جون (ا?? پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊ?? پي) تحت هوابازي ڊويزن جي 8 جاري ۽ 4 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 5450 ملين رپيا رکيا آهن. جاري ايندڙ مالي سال ج?? پي ايس ڊ?? پي جي دستاويز موجب هوابازي ڊويزن جي 8 جاري منصوبن جي لاءِ بجيٽ ۾ 5340 ملين رپيا جڏهن ته 4 نئين منصوبن جي لاءِ 110 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هوابازي جي 8 جاري منصوبن ۾ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو ڪسانه ڊيم کان آبپاشي نظام جي تعمير ملتان ۽ سکر ۾ موسم جي ??گر??ني جي ريڊار سسٽم جي تعمير جا 2 منصوبا، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ميگا منصوبو، اي ايس ايس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن، اي ايس ايس اڪيڊمي ج?? پي سي – ٽو منصوبي، تربت ايئرپورٽ تي اي ايس ايس جي رهائشي عمارت جي تعمير ۽ ناران ۽ بالاڪوٽ ۾ پيشيواراڻي ۽ انتظامي سهولتن جي تعمير جا منصوبا شامل آهن. پي ايس ڊ?? پي موجب 8 جاري منصوبن ۾ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ميگا منصوبي جي لاءِ 5 هزار ??لين رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي طرح 4 نئين منصوبن ۾ پنجگور هوائي ا??ي تي ڪوارٽر گارڊ ۽ ٻين سهولتن جي تعمير، فيصل آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي عورت آفيسرن جي رهائشگاهن جي تعمير، گلگت هوائي ا??ي تي اي ايس ايس جي رهائشي عمارت جي تعمير ۽ مانسهره ۾ هوائي اڏي جي تعمير جي زمين جي خريداري جا منصوبا شامل آهن، جن جي لاءِ مجموعي طور تي 110 ملين رپيا رکيا ويا آهن.