اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري ??ورو ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير انهن ملڪن جي دوري ??وران ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي ??ئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ??ي وٺ جي لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت کانسواءِ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئ??ن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثرر??وخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.