اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي گر??ڊ 20 جي سينيئر آفيسر محمد عاصم کي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊ??ئريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت جي منظوري سان انفارميشن گروپ جي گر??ڊ 20 جي آفيسر محمد عاصم جي بدلي ڪري ان کي فوري طور تي مئنيجنگ ڊ??ئريڪٽر ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان مقرر ڪيو ويو آهي. ان ??ان اڳ هو اطلاعات واري وزارت جي سينٽر آف ڊيجيٽل ڪميونيڪشن (سائبر ونگ) جي ڊائريڪٽر جنرل طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ ان وٽ اي پي پي جي اضافي چارج پڻ هئي.