اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميزباني ?? پاڪستان جي ??ئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان عالمي آئيني ڪنوينشن 10 مئي ۽ 11 مئي تي ٿيندو. ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز، ناليوارا سياسي اڳواڻ، قانوني ماهر اسڪالرز، سول سوسائٽي، سماجي ۽ سياسي عورت ڪارڪن، نوجوان، ميڊيا جا نمائندا ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف جي ??صوصي دعوت تي سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جي چيئرمين جي ??ربراهي ۾ سعودي پارلياماني وفد شرڪت ڪندو جڏهن ته سريلنڪا، آذربائيجان، بيلجيئم، جمهوريه ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جا پارلياماني فود شرڪت ڪندا. وڌيڪ اهو ته متحده جمهوريه تنزانيه، ڪينيا، عمان ۽ ايران جي نمائندگي انهن جي لاڳاپيل ڪميٽين جا چيئرپرسنز ڪندا. ان کانسواءِ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽرينز پڻ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندا. ڪنوينشن م??ڪي سياسي ۽ پارلياماني اڳواڻ، سينيٽرز، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اهم سياستدان شرڪت ڪندا. اها تقريب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي ??ئين جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ??ورانديش قيادت ۾ 10 اپريل 1973ع تي لاڳو ٿيو جي گولڊن جوبلي جي ??لسلي ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي ??ربراهي ۾ قومي اسيمبلي جي ??نتظام هيٺ گذريل هڪ مهيني کان جاري رهندڙ تقريبن جي پڄاڻي تقريب آهي. آئين پاڪستان جو اهو دستاويز آهي جيڪو پاڪستان جي يڪجهتي ۽ استقامت جو مظهر آهي. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن افتتاحي سيشن ۾ وزيراعظم، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر، مشاورتي ڪميٽي جو ڪنوينر، غيرملڪي اسپيڪرز ۽ پارلياماني وفد شرڪت ڪندا. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف جي ??ربراهي ۾ پلينري سيشن ٿيندو جنهن ۾ اختيارن جي ورڇ، ايگزيڪيوٽو، قانون سازي ۽ عدالتي افعال ۾ توازن جي موضوع تي تفصيلي بحث ٿيندو. بعد ۾ انهي ڏينهن ٽي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. بريڪ آئوٽ سيشن ون جي ??دارت قومي اسيمبلي ميمبر نفيسا شاهه ڪن??ي. ??ن سيشن ۾ نمائندا وفاقيت، اختيارن جي منتقلي، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندا. سيشن ٽو جنهن جي ??دارت وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره ڪندو، ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ نمائندگي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ٻئي طرف رومينه خورشيد عالم، ڪنوينر ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس/ ايس اي پي ايم، جي ??دارت ۾ بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندو جنهن ۾ عالمي ذميواري ۽ موسمياتي انصاف جي لاءِ گهڻ رخي فريم ورڪ ۽ 2022ع ?? پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ تي هڪ ڪيس اسٽڊي جي موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويندو. پهرين ڏينهن جي ??خري اجلاس جي ??دارت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪندي جنهن ۾ ”ايگزيڪيوٽو، قانونسازي ۽ عدالتي ڪمن ۾ توازن، اختيارن جي ??ليحدگي کي يقيني بڻائڻ“ جي موضوعن تي نمائندا پنهنجي ??اءِ ڏيندا. ٻئي ڏينهن، ڪنوينشن جي ??روعات پهرين ڏينهنجي ڪارروائي جي ??لاصي سان ٿين??ي. ??عد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها جي ??دارت ۾ ”بحرانن جي ??ور ۾ آئين، نيويگيٽنگ چئلينجز“ جي موضوع تي پلينري اجلاس ٿيندو. ان اجلاس ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته آئين ڪهڙي طرح بحرانن جهڙوڪ وبائي مرضن، قدرتي آفتن ۽ سياسي بدامني سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وين??ي. ??نهي ڏينهن مختلف آئيني معاملن تي هڪ ئي وقت ٽي بريڪ آئوٽ سيشن پڻ ٿيندا. بريڪ آئوٽ سيشن ون جيڪو وزيراعظم جي ??اص معاون شزه فاطمه خواجه جي ??دارت ۾ ٿيندو ۾ بنيادي حقن ۽ آئين جي ??حفظ، لاڳو ۽ چئلينجز تي ڌيان ڏنو ويندو. بريڪ آئوٽ سيشن ٽو غربت جي ??اتمي ۽ سماجي ??حفظ واري وزير شازيه مري جي ??ربراهي ۾ ٿيندو جنهن ۾ ”آئين ۽ عدالتون، آئين جي ??شريح، حقن ۽ آزادين جو تحفظ“ جي موضوع تي تفصيلي بحث ٿيندو. ٽيون بريڪ آئوٽ سيشن سيد مصطفيٰ محمود جي ??دارت ۾ ٿيندو جنهن ۾ ”آئين ۽ معاشي انصاف“ جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي ??دارت ۾ ايڪسڪلوسو برابر معاشرن جي ??عمير، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي ٿيندي. ڪنوينشن کي اهم خطاب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪندو جنهن ۾ جامع برابر معاشرن جي ??عمير ۾ آئين جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڪنوينشن جي پڄاڻي تي پيش ڪئي ويندڙ سفارشن تي ٻڌل دستاويز جي منظوري سان پڄاڻي تي پهچندو جنهن ۾ شريڪ رياستن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ رهنما رخ جوڙيا ويندا. اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي ??سپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پارلياماني وفدن سان م??اقات ڪندو. ملاقاتن ?? پارلياماني سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پارليامينٽن جي ڪردار کي ??ور هيٺ آندو ويندو.