اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي گوادر جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ايران کان گوادر تائين 100 ميگاواٽ ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ??نصوبو 2009ع کان التوا هيٺ هو. اهو ??نصوبو وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ترقي، واپار، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو.