اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريو?? سرڪاري دورو هوندو. پرڏيه?? آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چ??ن اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ هڪ منظم طريقيڪار آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو وي?? آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چ??ن اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ٽيون دور جولاءِ 2021ع ۾ چين جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.