اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آف??س جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پا??ستاني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊان مان ڪڍيل 149 پا??ستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پا??ستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ س??ڊان ۽ ٻيو جده کان پا??ستانين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان پا??ستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پا??ستانين کي سرطوم کان پورٽ س??ڊان پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پا??ستاني شهرين کي پورٽ س??ڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پا??ستان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ س??ڊان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ س??ڊان کان جده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ ف??رين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ س??ڊان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ س??ڊان کان جده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پا??ستاني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزا??ت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ س??ڊان ۾ پا??ستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پا??ستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ته جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پا??ستانين جي اچ وڃ دوران مدد فراهم ڪندو.