اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۾ مالياتي خدمتن جي ڪردار جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزي??يو??و آفيسر ڊاڪٽر راشد باجوه، اين او ڊبليو پي ڊي پي جي چيف ايگزي??يو??و آفيسر عمير احمد، نيوٽيڪ جي ايگزي??يو??و ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد محمود، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسلامڪ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر غلام محمد، ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري عامر محمود حسين، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ت?? خصوصي ماڻه?? کي انهن جي هنر موجب نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جي 10 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ خصوصي ماڻه?? کي مختلف جسماني ۽ مالي رڪاوٽون درپيش آهن، انه?? کي مالياتي خدمتن تائين پهچ ۽ روزگار فراهم ڪري مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزي??يو??و آفيسر ڊاڪٽر راشد باجو?? خصوصي ماڻهن ۽ عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام پاڪستان ۾ مائيڪرو فنانشل سروسز فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي جيڪو ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندار?? کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام 72 ضلعن ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ت?? خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بحالي جي لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام خصوصي ماڻه?? کي مالي خدمتن، مصنوعي عضون ۽ بحالي جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. پروگرام تحت خصوصي ماڻهن ۾ قرضن جي ذريعي 150.5 ملين رپيا ورهايا ويا آهن، ان کانسواءِ 3346 خصوصي ماڻه?? کي مائيڪرو هيلٿ انشورنس ڪوريج ۽ 14039 خصوصي ماڻه?? کي مصنوعي عضوا فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايگزي??يو??و ڊائريڪٽر نيوٽيڪ ڊاڪٽر خالد محمود اجلاس کي ٻڌايو ته نيوٽيڪ خصوصي ماڻه?? کي مفت تربيت ۽ هنر فراهم ڪرڻ، مفت رهائش ۽ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ڊائريڪٽر اسلامڪ فنانس، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان غلام محمد ٻڌايو ته بئنڪن پاران جلد ئي خصوصي ماڻهن جي لاءِ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ انه?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدم?? کي ساراهيو.