ڪراچي – 20 – مارچ (اي ??ي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، جيڪڏهن آبادي تي ضابطو نه آندو ويو ته 2050ع تائين پاڪستان جي آبادي 36 ڪروڙ ٿي ويندي. هو انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ (آئي بي ايم) جي اهتمام هيٺ پاپوليشن ريسرچ ڪانفرنس 2023ع جي افتتاحي سيش?? کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو ته آبادي ۾ اضافي سان پاڪستا?? کي وڏو چئلينج درپيش آهي، آبادي ۾ اضافي جي نتيجي ۾ شهرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، وسيلن جي کوٽ ۽ وسيلن جي اڻبنرابري ورڇ جهڙا آبادياتي چئلينجز جنم وٺي رهيا آهن جنهن سان غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ?? کي تعليم، خوراڪ، رهائش ۽ صحت جي مناسب س??ول??ن تائين پهچ نه آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻي علائقن جي عورتن ۾ ڄم جي روڪ جون گولين بابت آگاهي نه آهي ۽ ملڪ جي ڪ??هه حصن ۾ پهچ مشڪل آهي. خاتون اول چيو ته عورت?? کي باا??تي??ر بڻائي ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪ??ي وڌيڪ آبادي جي ڪ??ي پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي تڪرار کي جزوي طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ آبادي ۾ اضافي جي اهم موضوع تي ڪم ڪرڻ تي آئي بي ايم کي ساراهيندي هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪ??ي ۽ انتظاميا کي چيو ته تحقيق جا نتيجا لاڳاپيل ڌرين سان شيئر ڪيا وڃن ته جيئن ان مسئلي جي حل لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي سگهجن.