ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ميرپور ماٿيلو جي پارٽي اڳواڻ غلام نبي وسير جي قتل جي مذمت ڪئ?? آهي. ??لا??ل هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب ??لا??ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته غلام نبي وسير جي خون سان انصاف ٿيندو، ڏوهارين کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته قيادت سميت پوري پارٽي سوڳوار خاندان س??ن گڏ آهي. هن چيو ته غلام نبي وسير پارٽي جو اثاثو هو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا ??رم??ئي.