اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ??يو آهي ته اها ڪميٽي ??ڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ سان گڏوگڏ ثقافت جي فروغ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي، نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جو جذبو ۽ ولولو موجود آهي، پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي ڪُ??جي اسان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي. ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، نوجوانن شارٽ فلمز جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص دنيا آڏو آندو. هو نيشنل ايميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڪابينا ميمبر، پارليامينٽرين، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته نيشنل ايميچور فلم فيسٽيول ۾ بهترين فلمون تيار ڪري نوجوانن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن، نوجوانن ڏينهن رات محنت ڪري هن معاشري ۾ پاڻ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي، ايوارڊ کٽيندڙن اڄ جي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ڪامياب ٿيندڙن حقيقي معنيٰ ۾ پنه??جي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن سلطان احمد بند سلائم جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي ??يو ته ان جو تعلق اسان جي دوست ملڪ سان آهي، ان کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته اڄ ناليج جو دور آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جو جذبو ۽ ولولو آهي. هن ??يو ته نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين شارٽ فلم جي ذريعي پاڪستان جو حسن، قديم ورثو، درياءَ، سمن?? ۽ ??نڍن جي خوبصورتي سان عڪاسيڪ ئي ۽ دنيا کي ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي ڪ??جي اسان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي، ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن ??يو ته پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 سلا ٿي ويا آهن، پر قائداعظم جو خواب پورو ناهي ٿيو، قائداعظم جي خواب کي اسان جي نوجوان نسل کي ئي پورو ڪرڻو آهي، نوجوان نسل ئي پاڪستان کي پنه??جي پيرن تي بيهارڻو آهي. هن ??يو ته اتحادي حڪومت پاران يقين ڏياريان ٿو ته هتي فلم انڊسٽري بابت جيڪي نقطا اٿاريا ويا آهن انهن تي عمل ڪيو ويندو. هن ??يو ته 60ع، 70ع، 80ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ڊرامن جي پنه??جي اهميت هئي، فلم انڊسٽر?? ۽ ??لچر ۾ بيشمار ڪم ٿيو، اهو به وقت آيو جڏهن فلمون ٺه?? بند ٿي ويون ۽ سئنيما بند ٿي ويا. هن ??يو ته اڄ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو جيڪا پوري پاڪستان مان ٽيلينٽ کي سامهون آڻيند?? ۽ ??لچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي مخاطب ڪندي ??يو ته فلم فيسٽيول ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ 15 نوجوانن کي اسڪالرشپ تي موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اهو انگ تمام گهٽ آهي، ان جو انگ 50 ڪيو وڃي جنهن ۾ 25 ٻار ۽ 25 ٻارڙيون هجن.