اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي ره?? آهي، ايم ايل ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چيني منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ايل ون)، ڪراچي سرڪلر ريلوي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي سي پيڪ منصوبن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منصوبن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي ??زي??، ??زي??اعظم جو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم چيو ته مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فليگ شپ منصوبو آهي، مين لائين ون منصوبو پاڪستان جي بندرگاهن کي چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان ريل جي ذريعي رابطا پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ريل جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي علامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي تعطل جو شڪار منصوبن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪري ره?? آهي. هن چيو ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ مرحلي مان نڪري بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿي ره??ون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي ره?? آهي. شهباز شر??ف چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي ره??اسين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي ??زي?? احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽرولم واري مملڪتي ??زي?? ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، ??زي??اعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.