اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻو?? سٽيلن جي مدد تي سعودي عرب ??ا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻو?? جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران امداد جي فراهمي کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي، ٻو?? سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ??ي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ ج?? ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب ??ي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ??ي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ سعودي لاڳاپا گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪستان ۽ سعودي عرب ??ي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي گهرائي جي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ سعودي عرب ??ي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ ج?? ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻو?? جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. صدر ٻو?? متاثرين کي امداد پهچائڻ ج?? لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب ??ي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻو?? پوري پاڪستان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻو?? ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻو?? سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانستان سان لاڳاپيل معاملا اجاگر ڪرڻ تي سعودي عرب ??ي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪندي.