اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان س??لگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو عظيم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ?? قدرتي منظرن س??ن ڀرپور خطو فخر جوڳو آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪميشن پاران جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هاءِ ڪمشنر چيو ته منهنجي لاءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عوام آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي السلام عليڪم چوي ٿي. هن چيو ته آسٽريليا انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، اس??ن جي عوامي رابطن جي تاريخ 18 هين صدي تائين پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري اس??ن جي ملڪ ۾ صحرائن تان س??مان جي پهچ لاءِ انتهائي اه?? هئا. هن چيو ته هن وقت اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽريليا کي پنهنجو ملڪ چون ٿا ۽ اه?? اس??ن جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انتهائي اه?? ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اس??ن کي فخر آهي ته اس??ن هزارين پاڪستاني شاگردن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون جيڪي اس??ن جي عظيم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي رهيا آهن. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اعتماد جو پيغام ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪري سگهون ته جيئن اس??ن جو شمار دنيا جي عظيم قومن ۾ ڪيو وڃي.