اسلام آباد / حافظ آ??اد – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم ??مران خان آچر تي حافظ آ??اد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم ??مران خان آچر ڏينهن حافظ آ??اد جو دورو ڪندو ۽ حافظ آ??اد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آ??اد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته حافظ آ??اد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ آ??اد ضلعي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چيو ته مافيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏي?? آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون پراپرٽيون ٺ??هي??ن. فر?? حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري پنهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهي?? آهي ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ميمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرداري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. فر?? حبيب چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فر?? حبيب چيو ته وزيراعظم ??مران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ نه آيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا جڏهن ته وزيراعظم ??مران خان قوم کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آهي. هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آهي جيڪا عالمي برادري آڏو ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فر?? حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ??مران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستان جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي?? آهي. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا کي ناڻي واڌ درپيش آهي. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪيون آهن. فر?? حبيب چيو ته مختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي?? آهي جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي اهي سمورا بدعنوان آهن.