اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي لاڳاپن سان سڄي خطي ۾ استحڪام آيو آهي، ڀارت ڪشمير جي صورتحال بدتر بڻائي ڇڏي آهي، ڀارت جي انتهاپسند حڪومت سان گڏ وڌڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، طالبان حڪومت سان پسندگي ۽ ناپسندگي کي هڪطرف رکندي اسان کي افغان عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي، عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ چي?? اسان جو رول ماڊل آهي، دنيا هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ سهي نٿي سگهي، اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ گهرجي جو دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چي??ي ٽي وي سي جي ٽي اين کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم چي?? ته آئون پنه??جي زندگي 20 سال عالمي راند ۾ حصو وٺندي گذاري، جڏهن کان آئون وزيراعظم بڻيس مون کي ٽي وي تي به راندين جا مقابلا ڏسڻ جو موقعو گهٽ ئي ملندو آهي، هن چي?? ته بيجنگ ۾ ونٽر اولمپڪ ڏسڻ منه??جي لاءِ خوشي جو سبب آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جا لاڳاپا اهڙا منفرد آهن جو وقت جي هر آزمائش تي پورو لهندا، پاڪستان ۽ چي?? جهڙين به مشڪلاتن مان گذاريا، اسان جا لاڳاپا هر امتحان ۾ سرخرو رهيا ۽ وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا ويا، هن چي?? ته سي پيڪ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم ترين جز آهي، منهنجو خيال آهي ته جڏهن مان وزيراعظم لي ۽ صدر شي چن پنگ سان ملندس ته انهن کي چوندس ته انهن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي. اهي مواصلاتي رابطا ۽ توانائي جي پيداواري منصوبن سان شروع ٿيا، هاڻي اسان اهو چاهيون ٿا ته اهو اڳئين مرحلي جي طرف وڌن، جيڪي صنعتي ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪري زراعت جي شعبي تي مشتمل آهي، ڇاڪاڻ جو زراعت اسان جي ملڪ جو اهم ترين شعبو آهي، اسان کي پنه??جي وڌندڙ آبادي جي لاءِ غذائي تحفظ جي ضرورت آهي، ان لاءِ تمام ضروري آهي ته اسان کي پنه??جي زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ چي?? جو تعاون حاصل ٿئي. هڪ ٻئي سوال ۾ هن چي?? ته منه??جي خيال ۾ پاڪستان ۽ چي?? جي لاڳاپن سان پوري خطي ۾ استحڪام آيو آهي، بدقسمتي سان هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪنهن حد تائين چي?? جو به مسئلو آهي اهو اسان جو وڏو پاڙيسري ڀارت آهي. آئون انهن ماڻهن مان آهيان جيڪي اهو پڪو يقين رکندا آهن، اسان کي پنهنجا سڀئي اختلاف سياسي ڳالهين سان حل ڪرڻ گهرجن جيتوڻيڪ اها بدقسمتي آهي ته ڀارت ۾ هڪ انتهاپسند قوم پرست حڪومت آهي. 74 سال اڳ اسان جي آزادي جي وقت کان ڪڏهن ڀارت ۾ اهڙي حڪومت نه رهي، اها اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان کي اها منجهه محسوس ٿيندي آهي ته اسان ان حڪومت سان اڳتي ڪيئن وڌون. خاص طور ڪشمير جي ڪري، ڪشمير ڀارت سان گڏ اسان جو واحد تڪرار آهي، ان بدران ته ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي، ڀارت صورتحال بدترين ٺاهي ڇڏي آهي، ان لاءِ اهو هڪ مسئلو آهي ۽ آئون اميد ڪريان ٿو ته جلد يا دير اسان ان کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪري وٺنداسين. جيڪڏهن ان کي هڪ طرف رکي ڪري ڏسون ته چي?? ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خطي ۾ استحڪام آندو آهي. افغانستان جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ڪنهن قوم ايتريون مصيبتون برداشت نه ڪيون جيتريون افغان عوام ڪيون، هنن 40 سال جيڪا واحد شيءَ ڏٺي آهي اها جنگ آهي، اهو پهريون دفعو آهي ته هتي امن جو موقعو ميسر آيو آهي، ڇاڪاڻ جو افغانستان ۾ هن وقت ڪا جنگ نه ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت مسئلو اتي وڌندڙ انساني الميو پيش اچڻ جو آهي، ڇاڪاڻ جو افغانستان جو دارومدار ٻاهرين امداد تي آهي، طالبان جي حڪومت سنڀالڻ تائين افغانستان جي بجيٽ جو 17 سيڪڙو حصو ٻاهرين امداد تي هو. هڪ ڀيرو جڏهن ٻاهرين امداد ختم ٿي ته پوري حڪومت هڪ ڳڻتي جوڳي بحران جو شڪار آهي، اهي خدمتون فراهم نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ جو انهن جو وٽ پئسو ئي ناهي ۽ انهن جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا منجمند ڪيا ويا آهن، چي?? ۽ پاڪستان ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ ايستائين جو يورپي ملڪ سڀني جو اتفاق آهي ته ڪنهن ترقي سان طالبان جي حڪومت کي پسنديدگي يا ناپسنديدگي کي هڪ طرف رکندي جيڪا واحد شيءَ اسان جي ذهنن ۾ هجڻ گهرجي اها 4 ڪروڙ افغان عوام آهي، جنهن مان اڌ غذائي عدم تحفظ جي بدترين صورتحال جي ور چڙهيل آهن، اتي ڏڪار سبب فوتگيون ۽ غذائي گهٽتائي جا امڪان آهن، ان لاءِ اسان جو اتفاق آهي ته هر ڪنهن جي اولين ترجيح افغانستان جي چار ڪروڙ عوام هجڻ گهرجي، سي پيڪ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چي?? ته اهو منصوبو تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ جو چي?? جي سيڙپڪاري، رابطا هموار ڪرڻ ۽ توانائي جي پيداوار جي شعبن ۾ اهڙي وقت آئي جيڪا پاڪستان جي لاءِ تمام نازڪ هئي، ڇاڪاڻ جو اسان کي ٻن طرحن جا مسئلا درپيش هئا، هڪ ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شريڪ هئاسين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو هجڻ جو نقصان شايد ڪنهن ملڪ کان وڌيڪ هو، افغانستان کانسواءِ پاڪستان ڪنهن ٻي ملڪ کان وڌيڪ نقصان کنيو. اسان جا تقريبن 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ معيشت کي سئو ارب دالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. اسان جي ڪرنسي پنه??جي اڌ کان وڌيڪ قيمت وڃائي ويٺي ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اسان جون ٻه انتهائي بدعنوان حڪومتون جيڪي مالي بحران جو سبب بڻيون، چي?? اسان اسان جي مشڪل وقت ۾ سامهون آيو، اهو به انهن سببن مان هڪ آهي جنهن جي سبب پاڪستان ۾ چي?? جي عوام جي لاءِ ايتري محبت آهي ڇاڪاڻ جو ضرورت جي وقت ڪم ايندڙ دوستن کي توهان سدائين ياد رکندا آهيو، اهڙا دوست جيڪي ان وقت آيا جڏهن توهان کي مدد جي ضرورت هجي، جيئن ته اسان ان وقت هئاسين، هاڻي سي پيڪ ٻي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ٻي مرحلي ۾ پهرين شيءَ ته اسان جا صنعتي زونز ۾ سيڙپڪاري آهي، ٻي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ آئي آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان پنه??جي ٽيڪنالاجي زون ۾ سيڙپڪاري لاءِ زبردست مراعتون ڏئي رهيو آهي ۽ ٽئين شيءَ جنهن جو مون پهرين به ذڪر ڪيو اها زراعت آهي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ اسان کي زراعت ۾ پيداوار وڌائڻ لاءِ چي?? جي تعاون ۽ مدد جي ضرورت آهي، اسان پهرين ئي چي?? جي ڪمپني سان گڏ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري رهيا آهيون، جيڪا گڏيل طور تي فائديمند هوندي، چي??ي ڪمپنين کي اسان وٽ سيڙپڪاري کان تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي منتقلي فائديمند ٿيندي، وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ جو منصوبو هاڻي ٻي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته جڏهن منه??جي حڪومت اقتدار ۾ آئي پاڪستان جيو اڪنامڪس کي خصوصي ڌيان ڏنو، هاڻي جڏهن اسان جيواڪنامڪس جي مقابلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ کي اهميت ڏني، جيو اڪنامڪس مان مراد منه??جي حڪومت جي ترجيح ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ آهي، بدقسمتي سان اسان جي 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. اسان جي بنيادي ترجيح ان کي ان صورتحال کان ٻاهر ڪڍڻ آهي ۽ ان حوالي سان چي?? اسان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم چي?? ته انساني تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ايتري گهٽ مدي ۾ ايترن ماڻهن کي غربت مان نه ڪڍيو جيترا چي?? ڪڍيا آهن. اسان کي معلوم آهي ته هُنن 35 کان 40 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي ۽ تازو ئي صدر شي جن پنگ انتهائي غربت جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي. منه??جي ويجهو اهو انساني تاريخ جو سڀ کان وڏي ڪاميابين مان هڪ آهي، ان کان اڳ ڪڏهن انساني تاريخ ۾ ائين نه ٿيو. منه??جي حڪومت جو ڌيان پنه??جي ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان غربت مان ڪڍڻ آهي ۽ ان حوالي سان چي?? جو ماڊل اسان جي سامهون آهي ۽ ان حوالي سان اسان چي?? کان سکڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ اسان جا اجلاس به ٿيا آهن ته اسان ڪيئن دولت پيدا ڪريون ۽ پوءِ ان دولت جي ذريعي هيٺين سطح جي ماڻهن کي مٿي آڻيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چي?? ته مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ آهي جنهن ڪورونا وبا سبب متاثر ٿيندڙ اڪثر ملڪن جي مقابلي ۾ ان وبا جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪيو آهي. اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان انهن ٽن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ڪورونا جي صورتحال جو بهترين مقابلو ڪيو، اسان ان وبا سان پنه??جي معيشت کي به بچايو ۽ ماڻهن کي به. اسان چي?? کان گهڻو ڪجهه سکيو ڇو ته جڏهن وبا پکڙڻ شروع ٿي ته اسان چي?? سان ويجها لاڳاپا رکيا ۽ ان سان گهڻو ڪجهه سکيو ڇو ته اتي وبا سڀ کان پهرين چي?? جي ووهان ۾ سامهون آئي ۽ بعد ۾ ٻين جاين تائين پکڙجي وئي، وزيراعظم چي?? ته جڏهن ويڪسين تيار ٿي وئي ته اسان چي?? ۽ ٻين ملڪن کان به مدد ورتي پر چي?? نازڪ وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي، وزيراعظم چي?? ته اسان کي بي حد خوشي آهي ته خوش قسمتي سان اسان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهيون جنهن ٻين جي مقابلي ۾ وبا جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته آئون سمجهان ٿو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي، اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ گهرجي جو دنيا ٻن حصن ۾ ورهاجي وڃي، اهڙي صورتحال جو ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو، هر ڪوئي ان صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي. وزيراعطم چي?? ته ملڪن جي وچ ۾ تعاون سان ئي عوام جو فائدو ٿيندو آهي، هن چي?? ته مون يورپي يونين کي ٺهندي ڏٺو آهي ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته سڄي يورپي ملڪن ۾ زندگي جو معيار بهتر ٿي ويو. هن چي?? ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ڇڪتاڻ هڪ ٻي سرد جنگ جي شڪل اختيار نه ڪندي، جتي اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پئجي ته اسان کي ڪنهن جو ساٿ ڏيڻو آهي. اسان جا آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن ۽ چي?? سان انتهائي مضبوط لاڳاپا آهن، اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ته جيڪڏهن توهان جا چي?? سان لاڳاپا آهن ته توهان کي ٻين ملڪن سان لاڳاپا ختم ڪرڻا پون، هن چي?? ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان اهو ڪردار ادا ڪري جيڪو هن 1970ع ۾ ڪيو، پاڪستان آمريڪا ۽ چي?? جي وچ ۾ لاڳاپا هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ڊاڪٽر هنري ڪسنجر جي مشهور زمانه دوري جو اهتمام پاڪستان ڪيو هو. اسان اهڙي طرح جو ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. منه??جي ترجيحي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام آهي، آئون ان صورت ۾ ئي پوئتي پيل ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهان ٿو جنهن سان معيشت ۾ بهتري اچي ۽ معاشي بهتري استحڪام ۽ امن سان ايندي آهي، جيڪڏهن توهان تڪرارن کي منهن ڏيڻو آهي ته سڀني کان پهرين معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ اهو سڀ کان آخري ڳالهه ٿيندي ته جيڪا اسان چاهينداسين، وزيراعظم نئين قمري سال جي آغاز تي چي??ي عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ سال چي?? ۽ باقي دنيا جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو.