اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينئر سفارتڪ??ر کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪرتار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي واقعي تي ڀارتي شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي سفارتڪ??ر کي ٻڌايو ويو ته اقليتن لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪر?? زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪ??ر کي ٻڌايو ويو ته ان واقعي کي فوري طور تي حل ڪيو ويو ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اقليتن جي حقن کي سڀني کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڀارتي سفارتڪ??ر کي چيو ويو ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اقليتن سان منظم ظلم ۽ ستم جي انهن واقعن جي تحقي??ات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اقليتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش نظر، هندستان وٽ ڪٿي به اقليتن جي لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اقليتن جي لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪر?? زيب نٿو ڏي، ڀارتي عملدارن کي پنهنجي اقليتن جي تحفظ ۽ عبادتگ??هن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.