اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي رياض ۾ پنهنجي سعودي هم منصب شهزاد فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنه?? پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ماحوليات جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي سعودي هم منصب کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي سان منعقد اها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي، شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس جي انعقاد سان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اختيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنه?? پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنه?? پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنه?? پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيند?? پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنه?? پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي افعانس??ان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي افغانس??ان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.