اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پل??ن جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. صدر چيو ته هر انس??ن جي خواهش هوندي آهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي آخري حصي ۾ انس??ن جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسي??ن جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آه??. ج??م جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشق?? جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪي??. هن چيو ته ميڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ?? دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاند??ن جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بزرگ?? جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي سهولت?? جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولت?? جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار مريض?? جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريض?? جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريض?? جي سارسنڀال ڪندڙ?? جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن جو خيال رکڻ اس??ن جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ?? صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪست??ن جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪي??.